بمبئي کاتي جي جغرافي

بمبئي کاتي جي جغرافي

بمبئي کاتي جي جغرافي

بمبئي کاتي جي جغرافي (ڪتاب): بمبئي جي جاگرافيءَ تي مشتمل هيءُ ڪتاب منشي گروڏني مل لعل سنگهه سيوهاڻيءَ جو لکيل آهي. ڪتاب جي ديباچي ۾ لکيل آهي ته، “پڌرو هجي ته ڊنڪن صاحب جي هندستان جي جغرافي ۽ ٻين مرهٽي ڪتابن، بمبئي کاتي جو بيان ۽ سنڌ جي نروار جوڙيل راءِ صاحب نارائڻ راءِ جگن ناٿ جي ڪتاب مان سنڌ جو احوال معلوم ڪري سرڪاري مڪتبن ۾ پاڙهڻ لاءِ جناب ايجوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب بهادر سنڌ جي حڪم موجب هي ڪتاب جوڙيو آهي.” هن ڪتاب ۾ ڌرتي نروار: سيکارڻ بابت فهمائش، جغرافي جون وصفون ۽ بمبئي کاتي جي جغرافي: وصفون، جبل، نديون، واپار، بندر، پوک جي پيدائش، ماڻهو، ٻولي، ڌرم يا دين، تعليم، ڌنڌو، آمدرفت، ريلوي، تار برقي، ماڻهن جي حالت، بمبئي، احمدآباد، کيرا، ڀروچ ۽ سورت، خانديس، احمدننگر، پونو ۽ شولاپور، بيگام ۽ ڌاروڙ، ستارو، ٿاڻو ۽ رتناگيري، اتر ڪانيرا، سنڌ، ڍنڍون، فصل، ڪارخانا، واپار، حيدرآباد جي ڪليڪٽريءَ جا سنڌا، شڪارپور جي ڪليڪٽريءَ جا سنڌا وغيره وغيره جهڙا عنوان شامل آهن. 93 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب تعليم کاتي لاءِ جوڙيو ويو، جيڪو تعليم کاتي جي سرڪاري ڇاپخاني مان 1868ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت چار آنا آهي. هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو